ڪراچي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به آسٽريليا جي نالي، 8 وڪيٽن تي 505 رنسون

Pakistan’s Sajid Khan (L) celebrates after the dismissal of Bangladesh’s wicketkeeper Liton Das (2R) during the final day of the second Test cricket match between Bangladesh and Pakistan at the Sher-e-Bangla National Cricket Stadium in Dhaka on December 8, 2021. (Photo by Munir Uz zaman / AFP) (Photo by MUNIR UZ ZAMAN/AFP via Getty Images)

ڪراچي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به آسٽريليا جي نالي رهيو ۽ ڪينگروز راند جي پڄاڻي تائين 8 وڪيٽن جي نقصان تي 505 رنسون ٺاهي ورتيون.

ڪراچي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريليا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 251 رنسن کان پنهنجي رهيل اننگز شروع ڪئي ته عثمان خواجا جون 127 رنسون هيون ۽ نيٿن ليون کاتو نه کوليو هو.

ٻنهي بيٽرن ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 304 جي مجموعي اسڪور تي نيٿن ليون 38 رنسون ٺاهي فهيم اشرف جو شڪار بڻيو.

آسٽريليا کي پنجون نقصان ٽريوس هيڊ جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو 23 رنسون ٺاهي ساجد خان جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ڪيمرون گرين کي 28 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ نعمان علي پويلين موٽايو.

عثمان خواجا زبردست بيٽنگ ڪندي 150 رنسون مڪمل ڪيون ۽ 160 جي انفرادي اسڪور تي ساجد خان کي وڪيٽ ڏئي وٺي، جڏهن ته ايليڪس ڪيري 93 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، کيس قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آئوٽ ڪيو.

آسٽريليا 8 وڪيٽن جي نقصان تي 505 رنسون ٺاهيون ته راند جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو، مچل اسٽارڪ 28 ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز کاتو کولڻ بنا ڪريز تي موجود هئا.

Read Previous

ن ليگ ۽ پ پ پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ تي راضي

Read Next

قوم حڪومت ڪِرڻ بدران 3 ڪوئا شڪار ٿيندي ڏسندي: وزيراعظم

Most Popular