قوم حڪومت ڪِرڻ بدران 3 ڪوئا شڪار ٿيندي ڏسندي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت ڪِرڻ بدران 3 ڪوئا شڪار ٿيندي ڏسندي.

حافظ آباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد خبر ناهي ته هڪ قوم نٿا بڻجي سگهون، جيستائين قوم برائي جي خلاف نه بيهندي برائي وڌندي ويندي، ظلم خلاف نه بيهنداسين ته ظلم وڌندو ويندو.

هن چيو ته 25 سالن کان قوم ۾ تبليغ ڪري رهيو آهيان، سياست ۾ پٽاٽن ۽ ٽماٽن جا اگهه ڄاڻڻ لاءِ ناهيان آيو، سياست ۾ رڳو پاڪستانين کي هڪ قوم بڻائڻ لاءِ آيو آهيان.

سندس چوڻ هو ته مان يورپي يونين تي ٺيڪ تنقيد ڪئي هئي، يورپي يونين تي تنقيد تي فضل الرحمان چيو ته عمران خان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو، ٻاهران ڪو گورو ايندو آهي ته شهباز شريف تڙ تڪڙ ۾ ٽائي سوٽ پائي ڇڏيندو آهي، شهباز شريف چئي ٿو ته انگريزن تي تنقيد ڪري مان ظلم ڪيو، بلاول به چئي ٿو ته عمران پاڪستان تي ظلم ڪري ڇڏيو پر مان اولهه کي انهن کان بهتر ڄاڻان ٿو.

وزيراعظم چيو ته ڪا ڳڻتي نه ڪيو، هي حڪومت جي خلاف گڏيا آهن پر ڪجهه نه ٿيندو، ايندڙ ڏينهن ۾ سڀ ڏسندا ته حڪومت ڪرڻ بدران جيڪي 3 ڪوئا شڪار لاءِ نڪتا، اهي شڪار ٿي ويا.

Read Previous

ڪراچي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به آسٽريليا جي نالي، 8 وڪيٽن تي 505 رنسون

Read Next

اپوزيشن جو اسد قيصر ۽ قاسم سوري خلاف به بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

Most Popular