سپريم ڪورٽ آف پاڪستان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي نااهلي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ صدر عارف علوي جي نااهلي بابت درخواست تي 15 مارچ تي ٻڌڻي ڪندي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته صدر کي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهل قرار ڏنو وڃي، ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.