سکر ۾ مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج

سکر جي عدالت مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

ففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.

درخواست گذار پي ٽي آءِ سکر ضلعي جي صدر ظهير بابر موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز فوج ۽ عدليه خلاف تقريرن ذريعي عوام کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائي رهي آهي، سندس خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ڊپٽي اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته درخواست ۾ مريم نواز جي سرگوڌا واري تقرير جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان ڪري درخواست به سرگوڌا جي عدالت ۾ داخل ڪرائي سگهجي ٿي.

ٻڌڻيءَ دوران مريم نواز جو وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت دخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ ۾ صدر عارف علوي جي نااهلي لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

Read Next

آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ بهتري

Most Popular