عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ملڪ جي وڏن شهرن ۾ احتجاج ۽ چڪريون

پي ٽي آءِ

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پارٽي جا ڪارڪن ۽ سندس حمايتي روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڇڪتاڻ جا پڻ اطلاع آهن.

پوليس جي نفري پڻ احتجاج کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ ڪجهه هنڌن تي مظاهرين کي ڇڙوڇڙو ڪيو.

لاهور جي اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام رهي، جنهن سبب مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن لبرٽي چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس وين جو گهيرو ڪيو.

ٻئي طرف پنجاب جي گهرو کاتي لاهور ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ رينجرز کي 10 ڏينهن لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب فورس 13 کان 23 مارچ تائين شهر ۾ موجود رهندي.

آڌي رات پي ٽي آءِ ڪارڪنن لٺين ۽ ڏنڊن سان ڪينال روڊ تي مال موڙ وٽ رينجرز جي گاڏي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ رينجرز جي گاڏين جا شيشا به ڀڄي پيا، ڪجهه مظاهرين گاڏي تي پٿراءُ ڪيو.

پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪنن رينجرز اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو، جڏهن ته فورسز مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو.

مال روڊ تي رينجرز جي اضافي فورس کي مقرر ڪيو ويو آهي، لاهور ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي آڌي رات جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عوامي ڏڦيڙن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

ڪراچي ۾ 15 هنڌن تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، تنهن هوندي انهن کي ڪجهه هنڌن تان ڇڙوڇڙ ڪيو ويو ۽ ٽرئفڪ جي وهڪري کي بحال ڪيو ويو.

شاهين ڪامپليڪس ۾ مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو، بعد ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ کي به ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.

قيوم آباد، حيدري مارڪيٽ، اسٽار گيٽ ۽ ماڙي پور روڊ تي به پي ٽي آءِ جا حامي گڏ ٿيا، بعد ۾ هنن حيدري مارڪيٽ هاءِ وي ۽ ماڙي پور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ احتجاج ختم ڪرائي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.

نارٿ ڪراچي ۾ فور ڪي چورنگي تي به پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاج ڪيو، فائيو اسٽار چورنگي، شاهين ڪمپليڪس ۽ قيوم آباد چورنگي تي به ڪجهه ماڻهو گڏ ٿيا.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن نعمان چورنگي تي ٽائرن کي ساڙي احتجاج ڪيو، حسن اسڪوائر تي هڪ الڳ گروپ مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

شارع فيصل تي امڪاني احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، نرسري اسٽاپ تي پوليس سان گڏ رينجرز جي نفري به موجود آهي.

شام جي وقت پي ٽي آءِ ڪارڪنن هڪ ڀيرو ٻيهر حسن اسڪوائر وٽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس لٺين جو استعمال ڪري مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ فائر ڪيا.

ملتان ۾ عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف مرڪزي قيادت جي سڏ تي پي ٽي آءِ ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا.

راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران مري روڊ تي ڪميٽي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي اڳواڻي پارٽي اڳواڻ شيخ رشيد شفيق ۽ عمر تنوير بٽ ڪري ڪئي.

پوليس احتجاج ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کين چتاءُ ڏنو ته ٽريفڪ ۾ خلل وجهندڙ ۽ مسافرن کي تڪليف ڏيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، گرفتارين جي وارننگ ملڻ تي مظاهرين ڪميٽي چوڪ تان ڇڙوڇڙ ٿي ويا.

لياقت باغ چوڪ ۽ ڪورٽ چوڪ تي به احتجاج ڪيو ويو، جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ وڪيلن ٽائرن کي باهه ڏئي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

لياقت باغ چوڪ تي مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، لياقت باغ روڊ جا ٻئي پاسا ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا.

اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي مظاهرين ترنول روڊ ۽ اٿل چوڪ کي بلاڪ ڪيو هو پر فورسز ڪارروائي ڪري ان کي ٽريفڪ لاءِ خالي ڪرايو.

Read Previous

عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان چڪريون، 54 پوليس اهلڪار زخمي، رينجرز به پهچي وئي

Read Next

عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته حڪومت کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، شيخ رشيد

Most Popular