عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته حڪومت کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، شيخ رشيد

شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته حڪومت کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته لاهور جون حالتون ان حد تائين خراب ٿي چڪيون آهن جو افغانستان ۾ آمريڪا جي اڳوڻي خاص نمائندي زلمي خليل زاد به ان تي ردعمل ڏنو هو.

هن چيو ته حياتياتي تنوع ۽ آبي وسيلن بابت آمريڪا جي خاص نمائندي مونيڪا ميڊينا به پاڪستان پهچندي.

شيخ رشيد چيو ته آءِ ايم ايف 6 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي گارنٽي ڏيڻ تي راضي ٿي ويو هو پر زميني صورتحال ٻڌائي ٿي ته ملڪ غير يقيني واري صورتحال ڏانهن وڌي رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي پنهنجي نيت جو جائزو وٺڻ جو چيو.

Read Previous

عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ملڪ جي وڏن شهرن ۾ احتجاج ۽ چڪريون

Read Next

پي ايس ايل 8 جي فائنل ۾ پهرين ٽيم ڪهڙي پهچندي، فيصلو اڄ ٿيندو

Most Popular