عمران خان جي رهائش گاهه تان پوليس خلاف استعمال ٿيل موادهٿ، 40کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار

زمان پارڪ آپريشن

لاهور؛ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي زمان پارڪ ۾ رهائشگاهه تي پوليس ڇاپو هڻي پوليس سان مقابلي لاءِ استعمال ٿيندڙ مواد هٿ ڪري ورتو ۽ پارٽي جي 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي تشدد ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.

اسلام آباد ۾ توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عمران خان جي روانگي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد پنجاب پوليس سندس رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو.

لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي رهائشگاهه ٻاهران پوليس ۽ پي ٽي آءِ جي حمايتين ۾ جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

عمران خان جي رهائشگاهه تي پارٽي طرفان قائم سڪيورٽي ڪيمپن کي خالي ڪرائڻ لاءِ اڄ صبح پوليس آپريشن شروع ڪيو.

عمران خان جي رهائشگاهه تي داخل ٿيڻ کان اڳ پوليس بيان ۾ چيو ته قلم 144 لاڳو آهي، توهان کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي.

ٽي وي فوٽيجز ۾ ڏيکاريو ويو ته پوليس عمران خان جي 8 ڪنال واري گهر ۾ داخل ٿي، گهر جي لوهي دروازي کي ٽوڙڻ لاءِ ايڪسويٽر استعمال ڪندي پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ پڻ ورتو آهي.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اها به دعويٰ ڪئي ته عمران خان تي سندس گهر اندر فائرنگ ڪئي وئي ۽ مٿس مولوتوف ڪاڪٽيل اڇلايا ويا.

زمان پارڪ ۾ سرچ آپريشن جي حوالي سان انتظاميا ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ معاهدو ٿيڻ بعد علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي گهر اندر تلاشي وٺڻ جي اجازت ڏني، سي آر پي سي جي سيڪشن 47 تحت سرچ وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ انچارج جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته قانون موجب گهربل قدم کنيا وڃن، پوليس آفيسرن سان گڏ هڪ عورت پوليس آفيسر به شامل هئي.

پوليس موجب سرچ آپريشن دوران مولوتوف ڪاڪٽيل تيار ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ مواد هٿ ڪيو ويو.

Read Previous

پي ڊي ايم حڪومت سمورن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود گرفتار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، عمران خان

Read Next

زمان پارڪ مان پيٽرول بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، آءِ جي پنجاب

Most Popular