حسن نيازي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

حسان نيازي

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت هٿيارن جي نمائش ۽ رياستي معاملن ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي فوڪل پرسن ۽ ڀائيٽي بئريسٽر حسان نيازي کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حسان نيازي کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر پي ٽي آءِ اڳواڻ جي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي پر اها رد ڪئي وئي.

ان کان اڳ 20 مارچ تي پوليس حسان نيازي کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو هو ۽ مٿس جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پوليس وين ۽ اهلڪارن تي حملي جي رٿابندي ڪرڻ جو الزام هنيو هو.

ايف آءِ آر موجب پرتشدد حملي ۾ ڪمپليڪس جي مکيه دروازي جا شيشا ٽوڙيا ويا، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽيم ۽ پي ٽي آءِ جي اهلڪارن هڪ ٻئي خلاف فسادن وارا اوزار استعمال ڪيا. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ڪيترن ئي گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ ٽوئيٽر تي دعويٰ ڪئي آهي ته حسان نيازي کي پوليس سپرنٽينڊنٽ نوشيروان علي چانڊيو اغوا ڪيو، جڏهن ته سندس خلاف داخل سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي هئي.

پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته هي پوليس جي ظلم جي انتها آهي، عدالت مان تازو ئي ضمانت منظور ڪيل وڪيل حسان نيازي کي اغوا ڪيو ويو آهي

Read Previous

ايف آئي اي پرويز الاهي جي ڪٽنب کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Read Next

توشه خانه ڪيس ۾ بشرا بي بي پاران نيب آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

Most Popular