مراد علي شاهه جي ڀريا سٽي ۾ بي آءِ ايس پي رجسٽريشن سينٽر جو دوري دوران شڪايتن جا انبار

ڀرياسٽي (رپورٽ: محمد ابراهيم ميمڻ) ڀرياسٽي پي ايس 34 جي پ پ پ ايم پي اي سيد مرادعلي شاھ ميڊيا تي ھليل خبرن ۽ عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي نادرا آفيس ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رجسٽريشن ڊائينامڪ سينٽر جو دورو ڪيو.

دوري دوران پري پري کان آيل ڳوٺاڻن ۽ شھرين ٻنھي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عملي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائيندي الزام ھنيا ته عملي پاران مقرر ڪيل ايجنٽ ۽ عملو سرعام بغير رشوت جي ڪم نٿا ڪن، پنج پنج ڏينھن رلايو ٿو وڃي.

نادرا آفيس ۽ رجسٽريشن آفيس ٻاھريان ٻيٺل سوين شھرين ۽ ڳوٺاڻن ايم پي اي آڏو شڪايتن جي دفتر کوليندي ٻڌايو ته عملي پاران مقرر ڪيل ايجنٽن ۽ من پسند ماڻھن کان سرعام 500 کان 1000 روپيا رشوت ڏيندڙن کي ٽوڪن جاري ڪيا پيا وڃن.

عوام پاران ڪيل شڪايتن جو ايم پي اي سخت نوٽيس وٺندي نادرا عملي ۽ رجسٽريشن ڊائينامڪ سينٽر عملي ۽ انچارجن تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته عوام سان رويو بھتر ڪيو وڃي ۽ پري پري کان آيل ڳوٺاڻن ۽ شھرين کي فورن سھولتون فراھم ڪري کين داد رسي ڪئي وڃي.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا شاھد حسين سرڪي کي پڻ ھدايتون ڏنيون ته عوام ۽ عورتن کي پاڻي ۽ ڇانو جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ ٻنھي ادارن جي مانٽرنگ ڪئي وڃي .

Read Previous

ڪراچي جي ميئرشپ ڪنهن کي خيرات ۾ نه ڏينداسين: سعيد غني

Read Next

پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مزدور دشمن عنصرن لاءِ هڪ نئين ديوار آهي، لطيف نظاماڻي

Most Popular