گهوٽڪي ۾ رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي تي 2 هوٽل سيل، 20 دڪاندارن تي ڏنڊ لاڳو

گهوٽڪي (رپورٽ: زوھيب احمد) اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي رانا محسن امتياز اگهه وڌائيندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪندي 20 دڪاندارن تي 45 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ هنيو ۽ ٻه هوٽل سيل ڪري ڇڏيا.

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي رانا محسن امتياز، پرائيز اينڊ بيورو سپلائي جي انسپيڪٽر رانا محمد نويد، محمد اڪرام عباسي، محمد پنجل ميراڻي، سيد برڪت شاهه سان گڏ شهر جي مختلف علائقن جو پيدل دورو ڪيو.

رمضان المبارڪ دوران عوام کي مهانگي اگهه تي کاڌي پيتي جو سامان وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي 20 کان وڌيڪ دڪاندارن تي 45 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر رانا محسن امتياز چيو ته سرڪاري اگهه کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو…

Read Previous

پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مزدور دشمن عنصرن لاءِ هڪ نئين ديوار آهي، لطيف نظاماڻي

Read Next

سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي قوم جي خودمختياري خلاف هميشه سازشون ٿيون آهن،قادر مگسي

Most Popular