ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري، بابر اعظم پهرين نمبر تي برقرار

لاهور: افغانستان خلاف سيريز ۾ شڪست کانپوءِ بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 ۽ ون ڊي سيريز لاءِ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو.

ڪيويز خلاف ٻن سيريز لاءِ اسڪواڊز کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سليڪشن ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ هفتي ٿيندو، ڪا وڏي تبديلي نه ڪئي ويندي، انتظاميا نوجوان رانديگرن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جي خواهشمند آهي.

ٽريننگ ڪيمپ 7 يا 8 اپريل کان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ ٽي 20 ۽ ون ڊي اسڪواڊ جا رانديگر گڏجي ٽريننگ ڪندا.

ڪپتان شاداب خان جي آل رائونڊ ڪارڪردگي جي ڪري پاڪستان ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ افغانستان کي 66 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي اها پهرين فتح آهي، افغانستان پهرين ۽ ٻي ٽي ٽوئنٽي ترتيبوار ڇهن ۽ ست وڪيٽن تان کٽي سيريز ۾ ناقابل شڪست برتري حاصل ڪري ورتي.

Read Previous

شاداب خان جي قيادت ۾ پاڪستان آخري ميچ کٽڻ ۾ ڪامياب، افغانستان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

Read Next

نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ميچ برسات جي ور چڙهي وئي

Most Popular