ثقلين مشتاق نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪنسلٽنٽ مقرر

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق کي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

مشتاق احمد پاڪستان خلاف اپريل ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ بليڪ ڪيپس جو ڪنسلٽنٽ بڻجڻ تي راضي ٿي ويو آهي.

واضح رهي ته مڪي آرٿر کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪنسلٽنٽ ٽيم ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ گرانٽ بريڊ برن کي اسسٽنٽ ڪوچ ۽ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر مورني مورڪل کي بالنگ ڪوچ ۽ اينڊريو پٽڪي کي بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو به امڪان آهي.

نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز جي شروعات کان اڳ ڪوچنگ پينل جي شموليت جو امڪان آهي.

Read Previous

سنڌ ۾ گٽڪي، مين پوري ۽ ٻي منشيات خلاف صوبائي سطح تي ٽاسڪ فورس قائم

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران انڊر 13 ۽ انڊر 16 انٽر ريجن ٽورنامنٽس جي شيڊول جاري

Most Popular