ناٽنگهم شائر ٽي-20 سيزن لاءِ شاهين شاهه آفريدي سان معاهدو ڪري ورتو

shaheen-afrdi

ناٽنگهم شائر پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي 2023 وائيٽلٽي بلاسٽ سيزن لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

شاهين شاهه آفريدي ڪولن منرو سان گڏ ٽي ٽوئنٽي ڪلب جي ٻن اوورسيز رانديگرن مان هڪ آهي.

گذريل سيزن ۾ ناٽنگھم شائر 2015 کان پوءِ پهريون ڀيرو بلاسٽ جي ناڪ آئوٽ مرحلن لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ کان محروم ٿي وئي هئي.

هيڊ ڪوچ پيٽر مورس شاهين شاهه آفريدي کي باڪس آفيس رانديگر قرار ڏيندي چيو ته هو 2017 ۽ 2020 ۾ ٽي 20 چيمپيئن ڪلب کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

پيٽر مورس چيو ته شاهين شاهه آفريدي جي صورت ۾ اسان وٽ عالمي معيار جو رانديگر آهي، جيڪو واقعي پرجوش آهي ۽ هڪ اهڙو رانديگر جنهن جي بالنگ سان فرق آهي، جيڪو تمام ضروري آهي.

Read Previous

وسيم اڪرم پنهنجي اداڪاري جي شروعات ايندڙ فلم ”مني بيڪ گارنٽي“ سان ڪندو

Read Next

جوفرا آرچر جو ايشيز کان اڳ ريڊ بال ميچ کيڏڻ جو ڪوبه امڪان ناهي، سسيڪس ڪوچ

Most Popular