مڪلي ۾ ڳوٺاڻن جو بي دخلي ۽ بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

thatto protest

ٺٽو(رپورٽر) مڪلي جي شاھ لطيف جوڳي ڪالوني جي ڳوٺ مولو جوڳي شيخ جي ڪيترن ئي رھواسي مرد توڙي عورتن بااثر ماڻھن جي زيادتين، سندن گھرن کي باھيون ڏيئي گھر ساڙي کين بيدخل ڪرڻ جي ڏنل ڌمڪين خلاف پريس ڪلب مڪلي تي پھچي احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن ناٿو شيخ، مٺو، يوسف، جمعون شيخ، مسمات حسنہ، سماني، سومري، ڀوري، نظير، راجا، علي شيخ ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته سندن برادري جي بااثر شخص ولو جوڳي شيخ ۽ سندس ساٿين سندن جيئڻ جنجال بنائي سندن ڳوٺ جا وڏي تعداد ۾ پلاٽ سندن مرضي بنا وڪرو ڪري ھاڻي سندن گھرن جا بہ پلاٽ وڪرو ڪري کين بيدخل ڪرڻ چاھي ٿو.

هنن چيو ته اھڙي عمل کان روڪڻ تي ھن اسانجي ٻن پورھيتن جمعون شيخ ۽ رمضان شيخ جي گھرن کي باھ ڏيئي ساڙي کين وڏو نقصان ڏنو آھي، جنھن خلاف ڪير به ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي.

ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته بيدخل ٿيڻ کان بچائي سندن ذاتي پلاٽ طاقت جي زور تي وڪرو ڪندڙ بااثر شخص خلاف ڪاروائي ڪري کين تُحفظ مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

راڌڻ ڀرسان بدامني ۽ ڏوهارين کي رشوت عيوض ڇڏڻ خلاف ميهڙ روڊ تي ڌرڻو

Read Next

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو برداشت نه ڪبو، وفاق پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي نه ڪري، اياز پليجو

Most Popular