سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو برداشت نه ڪبو، وفاق پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي نه ڪري، اياز پليجو

thatto ayaz palijo

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ جي ملڪيت ٻيٽن تي قبضو برداشت نه ڪبو، وفاق پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي نه ڪري.

اياز لطيف پليجو جي صدارت هيٺ ڪينجهر تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز پليجو چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۽ ڪرپشن لاءِ ھر سودو ڪرڻ لاء تيار آھي، 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي وسيلا وفاق کي ڏئي ڇڏيا.

هن چيو ته سنڌ جو سمنڊ ايشيا جو گيٽ وي آھي، عالمي سامراجي طاقتون ھن خطي تي قبضي لاءِ صوبي ۽ ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪن پيون.

Read Previous

مڪلي ۾ ڳوٺاڻن جو بي دخلي ۽ بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

Read Next

ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي پولي ۽ مونو ٽيڪنڪ ادارن ۾ غريب شاگردن جون داخلائون، رونقون بحال

Most Popular