ڪوٽڙي-لاڙڪاڻو ٽريڪ بحاليءَ لاءِ سيتا ريلوي اسٽيشن تي احتجاج

ڪوٽڙي-لاڙڪاڻو ٽريڪ بحاليءَ لاءِ سيتا ريلوي اسٽيشن تي احتجاج

ڦلجي اٽيشن(رپورٽ: مختيار برھماڻي ) ڪوٽڙي-لاڙڪاڻو ٽريڪ بحاليءَ لاءِ سيتا اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪري ريلوي انتظاميا تي ٻه اکيائي جو الزام لڳايو ويو.

ريلوي انتظاميا ۽ وڏيرا شاھي جي تعصب سبب 9 مهينن جو عرصو گذرڻ باوجود روهڙي کان ڪوٽڙي ٽريڪ بحال نه ٿي سگهيو.

رهواسين جو چوڻ آهي ته ريلوي انتظاميا ڪڏهن ڊيزل نه هجڻ جو بهانو ته ڪڏهن وري ريلوي ٽريڪ زبون ۽ خراب هجڻ جو بهانو ڄاڻائي رهي آهي.

هنن چيو ته سنڌ جي ڀوتارن وٽ نجي ٽرانسپورٽ جا وڏا ڪاروبار آھن، ان ڪارڻ بيوروڪريٽ ۽ چونڊيل نمائنده به تماشائي بڻيل آھن.

Read Previous

ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو جو ڊائريڪٽر سڄڻ هاليپوٽو پاران اوچتو دورو

Read Next

دادو ۾ شهرين جو بااثر وياجين جي ظلمن خلاف احتجاج

Most Popular