پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد عامر کي واپسيءَ جو گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

Muhammad Amir

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فاسٽ بالر محمد عامر کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق محمد عامر کي ٽيم ۾ آڻڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن, سليڪشن ڪميٽي محمد عامر جي مئنيجر سان رابطو ڪري اڳوڻي فاسٽ بالر تي زور ڏنو آهي ته هو قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري.

آفيسر 30 سالن جي فاسٽ بالر کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي ۽ ميڊيا ۾ غير ضروري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪري جنهن سان تڪرار پيدا ٿي سگهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عامر جيڪو 2020 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويو، کيس چيو ويندو ته هو پنهنجي ريٽائرمينٽ تي جلد نظرثاني ڪري، ان ڪري کيس ان وقت تائين فٽ رهڻ ۽ مشق جاري رکڻ جي ضرورت آهي.

عملدار چيو ته عامر سٺو بالر آهي ۽ پاڪستان کي سندس ضرورت آهي، کيس هدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، اميد ته هو جلد پاڪستان لاءِ کيڏندو.

Read Previous

نسيم شاهه شادي يا مڱڻي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

Read Next

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سڀاڻي ٻڌايو ويندو

Most Popular