ڪوٽڙي ۾ نوجوان کي روزگار بهاني گهرائي تشدد خلاف هيومن رائٽس فائونڊيشن جو احتجاج

kotri protest

ڪوٽڙي ( رپورٽ: خالد مهيسر) ڪوٽڙي ۾ نوجوان کي روزگار بهاني گهرائي تشدد خلاف هيومن رائٽس فائونڊيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ۾ متاثر نوجوان شفيق کوسو جي وارثن ۽ هيومن رائيٽس جي اڳواڻن رفيق کوسو ۽ دانش منظور سميت ٻين ڪئي.

وارثن الزام هنيو ته اڍائي مهينا اڳ اسان جي ڀاءُ شفيق کوسو کي روزگار بهاني سان گهرائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

هنن چيو ته نوجوان کي بي هوشي حالت ۾ بلاول ميڊيڪل اسپتال ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، دماغ جي نس کي نقصان ۽ هڪ ٽنگ ٽٽل هئي.

Read Previous

ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: ڊي سي سانگهڙ

Read Next

سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي صاف ڪرڻ دوران فوجي نوجوان ڪري فوت

Most Popular