سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي صاف ڪرڻ دوران فوجي نوجوان ڪري فوت

sanghar foji jawan

سانگھڙ (رپورٽ آصف مري) سانگھڙ جي المنصوره ڪالوني ۾ گهر ۾ پاڻي جي ٽانڪي جي صفائي دوران پاڪ فوج جو جوان محمد علي سڌو پير سلپ ٿيڻ سبب ڪري پيو، جيڪو دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

فوجي جوان جي جنازي نماز مڪمل سرڪاري اعزاز سان المنصوره ڪالوني جي ڀٽي پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ شهرين، سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ فوجي جوانن وڏي انگ شرڪت ڪئي، سندس تدفين مڪمل فوجي اعزاز سان ڪئي وئي.

ٽي اين ٽي قبرستان ۾ پاڪ فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ مرحوم جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي وئي، جڏهن ته ڇور ڪينٽ جي ليفٽيننٽ ڪرنل نعمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پاڪ فوج جي آفيسرن صدر پاڪستان ۽ ٻين پاران قبر تي گلن جي چادر چاڙهي سلامي پڻ ڏني ويئي، مرحوم محمد علي سوگوارن ۾ هڪ بيوھ ۽ ٻه ڌيئرون ڇڏيون آهن، ڀٽي پارڪ ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

Read Previous

ڪوٽڙي ۾ نوجوان کي روزگار بهاني گهرائي تشدد خلاف هيومن رائٽس فائونڊيشن جو احتجاج

Read Next

جهمپير جي سماجي اڳواڻ پاران 22 معذور ماڻهن جي عيد تي سهائتا جي خاطري

Most Popular