پي سي بي محمد عامر جي واپسي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) فاسٽ بالر محمد عامر جي قومي ٽيم ۾ واپسي بابت سمورين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.

بورڊ هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سندس سليڪشن پاليسي بلڪل واضح آهي، ملڪي ڪارڪردگي! هن اهو به واضح ڪيو ته عامر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪو آهي.

هڪ ڏينهن اڳ خبر آئي هئي ته پي سي بي فاسٽ بالر کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سليڪشن ڪميٽي محمد عامر جي مئنيجر سان رابطو ڪري اڳوڻي فاسٽ بالر تي زور ڏنو آهي ته هو قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري.

Read Previous

باڪسر عامر خان تي ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچڻ تي 2 سالن جي پابندي

Read Next

معين علي چنائي ۾ اسپن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ تي خوش

Most Popular