ڪنڊيارو ڀرسان هٿياربندن پاران گوليون هڻي نوجوان قتل

Kandiaro Qatal

ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊيارو ڀرسان ڪنڊيارو ڪوٽ غلام شاھ لنڪ تي نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو.

ڪوٽ غلام شاھ لنڪ روڊ تي متارو شاھ مسجد ويجھو ڳوٺ دودو ڪلھوڙو واسي نوجوان ھوت خان ڪلھوڙو نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي مقتول نوجوان جو لاش حسوا ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني لڳي رھيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھي.

علائقي ۾ پيش آيل واقعو چانڊيا ڪلھوڙا برادرين ۾ ھلندڙ زميني تڪرار تان ٿيڻ جا افواھ ھلي رھيا ھيا، آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھيو.

Read Previous

ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ کي تمغه شجاعت سان نوازيو ويو

Read Next

پ پ مينارٽي ونگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري راجڪمار واڌواڻي جي بلاول ڀٽو سان ملاقات

Most Popular