پ پ مينارٽي ونگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري راجڪمار واڌواڻي جي بلاول ڀٽو سان ملاقات

سکر(بيورورپورٽ:فدا ميراڻي) اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي پيپلزپارٽي مينارٽي ونگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري راجڪمار واڌواڻي عرف راجو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.

راجڪمار وڌواڻي عرف راجو وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري کي اقليتي برادري جي مسئلن بابت آگاهي ڏني.

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي، اقليتن جي لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي ته جئين اقليتي برادري پاڻ کي غير محفوظ نه سمجهي.

راجڪمار واڌواڻي چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاء جيڪي قدم کنيا آهن سي قابل فخر آھن.

آخر ۾ راجڪمار واڌواڻي بلاول ڀٽو زرداري جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سکر اچڻ جي دعوت پڻ ڏني، جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري کيس جلد سکر اچڻ جي خاطري ڪرائي.

Read Previous

ڪنڊيارو ڀرسان هٿياربندن پاران گوليون هڻي نوجوان قتل

Read Next

دادو ۾ سيوا جي سڏ تي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Most Popular