جنوري 2022 کان بجليءَ جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، نيپرا دستاويز

بجلي

گذريل ڪجهه مهينن کان مهانگائي عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ بجلي جي اگهن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي.

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي دستاويزن موجب بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.

دستاويزن موجب جنوري 2022ع کان مارچ 2023ع تائين گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو.

گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 8 رپيا 50 پيسا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ انهن لاءِ بجلي جي قيمت 18 رپيا 44 پئسا مان وڌي 26 رپيا 54 پيسا ٿي وئي.

نيپرا دستاويزن موجب ڪمرشل صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 11 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صنعتي صارفين لاءِ بجلي 9 رپيا 55 پيسا ۽ زرعي صارفين لاءِ 9 رپيا 14 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.

انرجي لاڳت 655 ارب رپين مان وڌي 1152 ارب رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪيپيسٽي چارجز 794 ارب رپين مان وڌي 1251 ارب رپيا ٿي ويا ۽ بجلي جي پيداوار جي لاڳت ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو.

بجلي جي ڪل پيداواري لاڳت 1515 ارب رپين مان وڌي 2518 ارب رپيا ٿي وئي.

Read Previous

Avast Driver Program updater Safe

Read Next

پرويز الاهي جي غير قانوني ڀرتين ڪيس ۾ گرفتاري جو امڪان

Most Popular