اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

عمران خان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ضمانت ۾ 18 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزن بئنچ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪندي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جيڪا پڻ منظور ڪئي وئي.

عمران خان جن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت جي درخواست ڪئي هئي انهن ۾ اسلام آباد جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران پٿراءُ، ڀڃ ڊاهه ۽ باهه ڏيڻ به شامل آهن.

عدالت عمران خان جي اڄ تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس هر ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ ۽ ضمانت جي درخواستن تي فيصلي تائين جاچ ۾ حصو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پوليس جي جاچ آفيسر کي به سمورين ٻڌڻين تي حاضري لاءِ چيو ويو هو، جڏهن ته معلوم ٿيو آهي ته عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيندو ۽ سندس وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ واري ايف آءِ اي جي درخواست رد

Read Next

پي ٽي آءِ پختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

Most Popular