لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جو دورو ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز تي پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
آرمي چيف کي لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال ۽ مقرر فورسز جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. هن اڳتي هلي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي.
هن سپاهين تي زور ڀريو ته اهي مقامي آبادي جي هر ممڪن مدد ڪن، ثابت قدم رهن ۽ پنهنجا فرض پوري ايمانداري ۽ لگن سان سرانجام ڏين.
آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي مسلسل تيار رهڻ، آپريشنل تيارين ۽ وڏي حوصلي جي واکاڻ ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪشميرين جي انصاف جي حمايت لاءِ پرعزم آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ چاهي ٿي.
ان کان اڳ ايل او سي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آرمي چيف جو استقبال ڪيو.