ميرپورخاص سينٽرل جيل منتقل ڪيل جوابدار پراسرار نموني فوت، تشدد ۾ مارڻ جو الزام

mp khas dharna

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص سينٽرل جيل منتقل ڪيل جوابدار پراسرار نموني فوت ٿي ويو، وارثن تشدد ۾ مارڻ جو الزام لڳايو آهي.

ڪوٽ غلام محمد جي ديهه 295 واسي چنيسر عرف ڏاڏو کوسو کي ڪجهه ڏينهن اڳ منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

جيل سپرينٽينڊنٽ ارشاد رند جو موقف آهي ته قيدي چنيسر کوسو جي اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ سبب سول اسپتال منتقل ڪيو پر علاج دوران فوت ٿي ويو.

وارثن جو الزام آهي ته چنيسر عرف ڏاڏو کي جيل اندر سخت تشدد ڪري ماريو ويو، سندس جسم تي سخت تشدد جا نشان لڳل آهن.

ٻئي پاسي وارثن پاران الزام هڻندي چيو ته فوتي جي جسم تي سخت تشدد جا نشان لڳل آهن، جنهن سبب ڪن مان رت نڪتل آهي، وڏو ظلم ڪيو ويو، انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

پاڪ فوج ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي، آرمي چيف

Read Next

هنڱورجا ۾ مغوي ٻارڙي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن ۽ قومپرست پارٽين جو پيادل مارچ

Most Popular