هنڱورجا ۾ مغوي ٻارڙي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن ۽ قومپرست پارٽين جو پيادل مارچ

Hingorja protest

هنڱورجا (رپورٽ: اسد جوکيو) هنڱورجا ۾ مغوي ٻارڙي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن ۽ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن جو پيادل مارچ ڪيو ويو.

ڳوٺ محمد موريل ڀٽو مان 21 مارچ تي محمد صادق ڀٽو جو اغوا ٿيل 4 سالا پٽ جعفر علي ڀٽو بازياب نه ٿي سگهيو.

ڀٽا برادري ۽ ڊاڪٽر نظير کوکر، ذاڪر حسين سولنگي، طالب سهتو ۽ پروفيسر ضمير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو.

ڳوٺ موريل ڀٽو کان 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ٿاڻي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.

Read Previous

ميرپورخاص سينٽرل جيل منتقل ڪيل جوابدار پراسرار نموني فوت، تشدد ۾ مارڻ جو الزام

Read Next

ڪڪڙ ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

Most Popular