ڪڪڙ ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

ڪڪڙ (رپورٽر) ڪڪڙ ۾ مقتول ذڪريا لغاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

ڪاڇي جي ڳوٺ تاج محمد دولتاڻي واسي ڳوٺاڻن مسمات خانزادي لغاري، علي رضا لغاري، شاهنواز لغاري ۽ محمد لغاري پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻه سال اڳ پٽ ذڪريا لغاري گل محمد ٿاڻي جي حد ۾ بورنگ تي ستل هو.

هنن چيو ته مقتول ذڪريا لغاري کي چوري جي ارادي سان آيل جوابدارن رشيد لغاري ۽ غلام رسول لغاري فائرنگ ڪري بيگناه قتل ڪيو، ٻه سال گذري ويا آهن پر پوليس جوابدار گرفتار ڪري نه سگهي آھي.

هنن چيو ته جوابدار قاتل سريعام هٿياربند ٿي ڳوٺ سوڀو خان دولتاڻي ۾ حميد لغاري ، حنيف لغاري ، حيدرلغاري جي سپورٽ هيٺ اوطاق تي ترسيل آھن ۽ نياپا پيا موڪلرائن ته ڪيس تان هٿ کڻو نه ته توهان کي وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پهچائينداسين.

اسين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان غريب مسڪين آھيون بااثرکان اسان کي جان جو خطرو آھي، مقتول جا قاتل گرفتار ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي.

Read Previous

هنڱورجا ۾ مغوي ٻارڙي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن ۽ قومپرست پارٽين جو پيادل مارچ

Read Next

جنگشاهي ۾ ڪي فور منصوبي تي ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن جو پگهارن لاءِ احتجاج

Most Popular