مڪلي بوائز ڪيمپس اسڪول ۾ اسڪريبل چيمپيئن شپ 2023 ڪرائي وئي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ۾ راندين جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان اسڪريبل چيمپيئن شپ 2023ع جي ٿيل فائنل ۾ اٺين درجي جي شاگرد حسن جٽ ڪاميابي ماڻي ورتي.

راندين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪليءَ ۾ اسڪريبل چيمپيئن شپ منعقد ڪئي وئي.

فائنل اٺين درجي جي شاگرد محمد حسن جٽ کٽي ورتو، ٻي پوزيشن ستين درجي جي شاگرد عديل بلوچ حاصل ڪئي.

ھيڊ ماستر غلام نبي خشڪ جو چوڻ هو ته تعليمي ادارن ۾ رانديون شاگردن جي ذهني ۽ جسماني ترقيءَ لاءِ تمام ضروري آهن.

Read Previous

ڇتو چنڊ لڳ باهه لڳڻ سبب پورهيت جو گهر الهه تلهه سميت سڙي رک

Read Next

ڪنڌڪوٽ ۾ پراڻي تڪرار تان آءِ بي اي يونيورسٽي جو پروفيسر قتل، ڏوهارين جشن به ملهايو

Most Popular