ڏهرڪي ۾ حرا پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال جي اڳواڻيءَ ۾ پروفيسر جي قتل خلاف ريلي

Deharki protest

ڏھرڪي(رپورٽ ڊيوڊ لطيفي) ڏهرڪي ۾ حرا پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال جي اڳواڻيءَ ۾ آءِ بي اي پروفيسر جي قتل خلاف ريلي ڪڍي وئي.

پرنسيپال استاد شوڪت علي انڙ، حافظ فاروق احمد سميجو ۽ پروفيسر محمد دين راڄڙي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي پرسيپال شوڪت علي انڙ ۽ ٻين چيو ته قبيلائي جھيڙن سنڌ کي ھڪ اھڙي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کان محروم ڪري ڇڏيو آھي.

اجمل ساوند قبائلي جھيڙن کان ڪوھين ڏور ھو، ھن جي چاهه سنڌ سان آھي، جنهن کي زرداري نظام اڏوھي وانگر کائي پيو.
ھنن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند نھايت ئي تعليم دوست شخصيت ھئي ھن جي بيھيما ي قتل سان تعليم جي لاٽ اجھامي وئي آھي ھنن گھر ڪئي ته فوري طور پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪري کين ڦاھي تي چاڙھيو وڃي.

Read Previous

ميرپورخاص جي عدالت پاران قتل ڪيس ۾ جوابدار کي ڦاهيءَ جي سزا

Read Next

دادو ۾ صحت جي عالمي ڏهاڙي تي ڊي ايڇ او جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي

Most Popular