سجاول ۾ بوائز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر تي حملي ۽ زخمي ڪرڻ خلاف ڌرڻو

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ بوائز هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر تي حملي ۽ زخمي ڪرڻ خلاف استادن جي تنظيمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

استادن پاران حاجي محمود کٽي، خالد احمد، عاصم رشيد ۽ بشير سرويچ جي اڳواڻيءَ ۾ پتڻ ناڪي کان ريلي ڪڍي وئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته مقدس تعليمي اداري ۾ شراب پيئڻ کان منع ڪرڻ تي ھيڊ ماستر تي حملو ڪرڻ انتھائي مذمت جوڳو آھي.

هنن چيو ته تعليم دشمن دھشتگردن ھٿان پڙھيل لکيل ماڻھو محفوظ ناھن رھيا، ھيڊ ماستر تي حملو کليل دھشتگردي آھي.

Read Previous

سجاول ۾ 15 ڏينهن واري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: افتتاحي ميچ ۾ ڊي سي اليون سوڀاري

Read Next

سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني نه ھجڻ ڪري قبيلائي دھشتگردي جو راڄ آھي، اياز پليجو

Most Popular