پنجاب اسيمبلي جي چونڊن بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس

fed cabnet

وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ پنجاب ۾ چونڊن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اڪثر ميمبر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پنجاب جي چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ، صدر عارف علوي جي سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 واپس وٺڻ جي فيصلي ۽ چونڊن جي معاملي تي قانوني نقطن تي غور ڪيو پيو وڃي.

ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن.

Read Previous

تائي صدر جي آمريڪا مان واپسي تي چيني فوج پاران ٻيٽ کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ مشقون شروع

Read Next

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

Most Popular