حيدرآباد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙن جو نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽ: نسيم احمد سهتو) پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ مرد ۽ عورت ليڪچرارن نوڪريون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته انگلش، سنڌي ۽ ٻين مضمونن جا تازو نتيجا بهتر ٿيا آهن.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ميرٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ۽ نتيجن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها رشوت ۽ سفارش جي بنياد تي ڪئي وئي، ها ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ هاڻي رشوت جي معاملي تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن.

هن چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن انٽرويو جا نتيجا پنهنجي ويب سائيٽ تي شايع نه ڪيا آهن، ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ڪميشن گهٽ مارڪن وارن اميدوارن کي ترجيح ڏني آهي ۽ 81 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي شارٽ لسٽ نه ڪيو ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته 58 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ شارٽ لسٽ ٿيل آھن، ميرٽ کي نظر ۾ رکندي انصاف جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن.

Read Previous

جيڪب آباد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، گهر اندر ٻه ڀائر قتل، لاش پيتيءَ مان هٿ

Read Next

حيدرآباد ۾ يونائيٽڊ سنڌ گڊزز ٽرانسپورٽ جو اڳواڻ گرفتار، احتجاج

Most Popular