صوبائي ڪابينا سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) جي قيام جي منظوري ڏني وئي، جنهن جو مقصد صوبي ۾ توانائي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ آهي.

مراد علي شاهه ڪابينا جي فيصلي کي بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي حوالي سان تاريخي قدم قرار ڏنو.

اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، پي ايس ايم سي ايم فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته سنڌ کي توانائيءَ جي وسيلن جي هڪ پوري ويليو چين سان نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪوئلو، سولر ۽ ونڊ شامل آهن، جن کي هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستن ذريعي سستي پهچ سان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

امتياز شيخ چيو ته صوبائي پاور پروجيڪٽ، خاص طور تي قابل تجديد توانائي منصوبن ۾ جيڪي رڪاوٽون درپيش آهن، انهن جو سبب انڊيڪيٽو پروڊڪشن ڪيپيسيٽي ايڪسپينشن پلان 2021 ۾ شامل نه ٿيڻ ۽ وفاقي ادارن پاران وڌيڪ پروسيسنگ ۾ گهٽتائي آهي.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته توانائي جي برابري کي بهتر بڻائڻ ۽ صوبي مان توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن، ڊسٽري بيوشن ۽ ريگيوليشن لاءِ هڪ جامع قانوني، پاليسي ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ ٺاهڻ ضروري آهي.

ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيپرا ايڪٽ 1997 جي سيڪشن (7) (4) تحت صوبن کي پاور هائوسز ۽ گرڊ اسٽيشنز ٺاهڻ ۽ اندرون صوبن جي استعمال لاءِ ٽرانسميشن لائينون وڇائڻ ۽ ملڪ اندر بجلي جي ورڇ لاءِ ٽيرف مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي.

ڪابينا تفصيلي غور ويچار کانپوءِ سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏني.

Read Previous

حيدرآباد۾ منشيات فيڪٽري تي ڇاپو، وڏي مقدار ۾ مين پڙيون ۽ ڪچو مال هٿ، 2 جوابدار گرفتار

Read Next

AirVPN Review

Most Popular