مفتي عبدالشکور جي سندس اباڻي قبرستان تاجبي خيل ۾ تدفين

اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور کي سندس اباڻي ڳوٺ تاجبي خيل جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مفتي عبدالشڪور جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ قومي اسمبلي جي ميمبرن محسن داوڙ، مولانا محمد انور ۽ محمد خان شيراني سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز ۾ ڪمشنر بنون ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر لڪي مروت، جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

مفتي عبدالشڪور جو مڙهه اڄ صبح اسلام آباد کان لڪي مروت آندو ويو، پوليس پاران علائقي ۾ سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو، گهر، قبرستان ۽ روڊن تي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو.

واضح رهي ته مفتي عبدالشڪور گذريل ڏينهن اسلام آباد جي علائقي مريٽ کان سيڪريٽريٽ چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو ته شاهراهه دستور تي سندس گاڏي کي ٽڪر هنيو ويو.

حادثي بعد مولانا عبدالشڪور پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، سندس جنازي نماز پي ڊي ايم ۽ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ جامعه دارالسلام سيڪٽر جي 6 ۾ ادا ڪئي وئي.

Read Previous

پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي بابت فيصلن تي تنقيد بي بنياد آهي: شاهه محمود قريشي

Read Next

مون کي خبر آهي ته پاڻي هر گهر ۾ اچي سگهي ٿو: گورنر سنڌ

Most Popular