اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي چيف جسٽس سان ملاقات

Umar Atta bandyal

چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن ملاقات ڪئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به موجود نه هو.

ملاقات ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين عمارت ۾ منتقلي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 14 سالن کانپوءِ سومر تي شاهراهه دستور تي نئين عمارت ۾ شفٽ ٿيندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جي ٽين بلڊنگ ۾ اڄ آخري ڏينهن آهي ۽ 22 مئي کان شاهراهه دستور تي نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي.

Read Previous

پاڪستان ۾ رتوڇاڻ ۽ ڏڦيڙ نه ٿا چاهيون: امير متقي

Read Next

آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن جوڙي وئي

Most Popular