پاڪستان ۾ رتوڇاڻ ۽ ڏڦيڙ نه ٿا چاهيون: امير متقي

افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي سرزمين تي خونريزي ۽ عدم تحفظ نٿا چاهيون.

هڪ بيان ۾ امير خان متقي چيو ته افغانستان جي طالبان حڪومت ٽي ٽي پي ۽ داعش جي خاتمي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن.

امير خان متقي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گذريل 20 سالن ۾ دهشتگردي سبب 80 هزار جانيون ضايع ٿيون، ان دوري ۾ سڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن چيو ته ٽي ٽي پي ۽ پاڪستاني اختيارين کي گذارش آهي ته گڏجي ويهن ۽ ڳالهه ٻولهه ڪن، پاڪستان ۽ افغانستان کي مسئلن جي حل لاءِ لچڪ ڏيکاريندي روشن مستقبل ڏانهن وڌڻو پوندو.

وقتي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته افغانستان پاڪستان، ايران، ترڪي، سعودي عرب ۽ قطر سان سٺا لاڳاپا قائم ڪري رهيو آهي، ازبڪستان، سمرقند ۽ پاڪستان جو دورو اسان جي سٺن لاڳاپن جو مثال آهي.

انهن جو چوڻ آهي ته هو افغانستان ۾ ڪرنسي کي مستحڪم ڪرڻ سان روزگار وڌائي رهيا آهن.

Read Previous

هڪ بال يا 50 اوور، صورتحال موجب کيڏڻو پوندو آهي، افتخار احمد

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي چيف جسٽس سان ملاقات

Most Popular