مراد راس عمران خان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا، اعلان ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي تعليم واري وزير مراد راس عمران خان کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور ۾ مراد راس پنهنجي ساٿين سان گڏ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو سو عمران خان جي صلاحڪارن جي ڪري ٿيو.

هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ اسان جهڙن ماڻهن جو هڪ گروپ ٺاهيو آهي.

مراد راس وڌيڪ چيو ته اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته پي ٽي آءِ کي الوداع چئي وينداسين، اڄ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کان جدا ڪري ڇڏيا آهن.

هن چيو ته ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان سڀني کي هتي ئي رهڻو آهي، ويڙهه سان ملڪ بهتر نٿو ٿي سگهي.

مراد راس وڌيڪ چيو ته جڏهن خان صاحب لاهور منتقل ٿيو ته جيڪي صلاحڪار ساڻ گڏ آهن، اهي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ايتري تائين وٺي آيا.

Read Previous

بابر اعظم ۽ محمد رضوان پاران شهيدن جي يادگار تي حاضري

Read Next

ميڊيڪل رپورٽ موجب عمران خان جي ذهني حالت تي سواليه نشان آهي، عبدالقادر پٽيل

Most Popular