ڪراچي جي آبادي ۾ 6 سالن دوران 3.1 ملين ماڻهن جو اضافو

2023ع جي ڊجيٽل مردم شماري ۾ ڪراچي جي آبادي 1 ڪروڙ 91 لک 24 هزار رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

شماريات واري بيورو موجب 2017ع ۾ شهر قائد جي آبادي 1 ڪروڙ 60 لک 24 هزار هئي.

شماريات واري اداري موجب ڪراچي جي آبادي ۾ گذريل 6 سالن دوران 3.1 ملين ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي.

شماريات کاتي موجب حيدرآباد ڊويزن جي آبادي ۾ 2.3 لک ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي آبادي ۾ 2.0 لک جو اضافو ٿيو آهي.

2017ع ۾ حيدرآباد ڊويزن جي آبادي 1 ڪروڙ 5 لک 96 هزار جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي آبادي 61 لک 90 هزار 926 هئي.


تازي آدمشماري ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي ۾ 6 سالن ۾ 10 لک ماڻهن جو اضافو ٿيو، 2017ع ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي 42 لک 24 هزار 945 هئي جڏهن ته 2023 ۾ آدمشماري 51 لک 72 هزار 132 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. .

شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 6 سالن ۾ آبادي ۾ 1 ڪروڙ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي آبادي 2017ع ۾ 52 لک 75 هزار 4 سئو هئي ۽ هاڻي آبادي 62 لک 99 هزار 6 سئو تائين پهچي وئي آهي.

سکر ڊويزن جي آبادي ۾ 6 سالن ۾ 11 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي، 2017 ۾ سکر ڊويزن جي آبادي 55 لک 42 هزار 270 ماڻهو هئي، 2023 ۾ سکر ڊويزن جي آبادي 67 لک 36 هزار 27 ماڻهن جي هئي.

Read Previous

عمران اسماعيل جو تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان

Read Next

ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ زلزلي جا لوڏا

Most Popular