ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ زلزلي جا لوڏا

خيبرپختونخواهه صوبي، پنجاب ۽ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

مظفرآباد، سوات، صوابي، مالاڪنڊ، ايبٽ آباد، لوئر دير، ديامر، راولپنڊي ۽ مري ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

زلزلي مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان-تاجڪستان سرحد هو، جڏهن ته ان جي گهرائي 223 ڪلوميٽر هئي.

Read Previous

ڪراچي جي آبادي ۾ 6 سالن دوران 3.1 ملين ماڻهن جو اضافو

Read Next

يوم تکبير: پاڪ فضائيه پاران هوائي سرحدن جي حفاظت جي عزم جو ورجاءُ

Most Popular