اداڪاره انعمتا قريشي پاران سس جي ظلمن بابت اهم انڪشاف

ڪراچي: پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا انعمتا قريشي پنهنجي سس جي ظلمن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اداڪارا انعمتا پنهنجي ساهرن ۾ پاڻ تي ٿيل ظلم ۽ ناانصافي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون شيئر ڪيون آهن، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي سس ۽ سس جي ڀيڻ جي باري ۾ ڳالهائي رهي آهي.

اداڪارا لکيو ته سندس سس چوي ٿي ته مان شڪر گذار آهيان ته سندس پٽ اڃا تائين مون کي طلاق ناهي ڏني، ڇاڪاڻ ته منهنجو تعلق شوبز سان آهي ان ڪري مان گهر واري ڇوڪري ناهيان.

انعمتا وڌيڪ لکيو ته هن جي سس پنهنجي ڀيڻ سان گڏ مون کي ۽ منهنجي مڙس سان بدسلوڪي ڪندي آهي.

اداڪارا تازو ئي پنهنجي ساهرن کان ڌار ٿيڻ جو ارادو ڪيو آهي، پر سندس سس نه رڳو کيس گاريون ڏنيون، پر مون تي هٿ به کنيو، ماءُ ۽ ڀينرن کي گٿا لفظ به ڳالهايا.

Read Previous

هدايتڪار لڪشمن اٽيڪر وڪي ڪوشل سان ڪترينا ڪيف ڪاسٽ نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

عامر خان مڇون ۽ وار وڌڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular