عامر خان مڇون ۽ وار وڌڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي شوقين مداحن کي پنهنجي نئين انداز بابت وضاحت ڏئي ڇڏي.

عامر خان تازو ئي نئين پنجابي فلم ”ڪيري آن جٽا 3“ جي ٽريلر لانچ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب دوران پنهنجي نئين روپ بابت پڇيل هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڏسو، اڄ اسان کي رڳو فلم ’ڪيري آن جٽا‘ جي ڳالهه ڪرڻي آهي، پر جيڪڏهن اوهان دوست مون کي اهڙو ڏسڻ جا شوقين آهيو، ته پوءِ مان جلدي ڪري ڇڏيندس. جواب ڏنو ته مون اڃا تائين ڪا به فلم سائن نه ڪئي آهي.

هن چيو ته هن وقت فيملي سان وقت گذارڻ چاهيان ٿو ۽ ان لاءِ خوش آهيان، فلم ۾ تڏهن ئي ڪم ڪندس جڏهن جذباتي طور تي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندس.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجيون مڇون ۽ وار صرف ان ڪري وڌيا آهن جو مان هن وقت پنهنجا وار ڪٽڻ نه پيو چاهيان.

ٽريلر لانچ جي موقعي تي عامر خان دهل جي ٿاپ تي ڀنگڙو به هنيو،جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

Read Previous

اداڪاره انعمتا قريشي پاران سس جي ظلمن بابت اهم انڪشاف

Read Next

مشهور پلي بيڪ سنگر ڪي ڪي جَي وڇوڙي کي هڪ سال وهامي ويو

Most Popular