عمران عباس لائيو شو ۾ صنم جنگ کي 10 ڪلو وزن گهٽائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

مشهور پاڪستاني فنڪار عمران عباس پنهنجي پراڻي دوست اداڪاره صنم جنگ کي 10 ڪلو وزن گھٽائڻ جو مشورو ڏنو آهي.

تازو ئي مشهور ميزبان صنم جنگ نجي ٽي وي جي مارننگ شو جي مهمان بڻي، ان دوران سندس ويجهي پراڻي دوست عمران عباس کي ڪال شو ۾ دعوت ڏني وئي.

شو جي ميزبان عمران عباس کان پڇڻ چاهيو ته صنم جنگ آمريڪا وڃي رهي آهي، ڇا توهان صنم جنگ کي آمريڪا وڃڻ جو ڪو مشورو ڏئي سگهو ٿا؟

عمران عباس لائيو شو ۾ بنا ڪنهن ترديد جي چيو ته هو صنم جنگ کي آمريڪا مان واپسيءَ تي مشورو ڏيڻ چاهي ٿو ته هو پنهنجو وزن 10 ڪلو گهٽ ڪري.

ان تجويز تي شو جي ميزبان خاموش رهجي وئي جڏهن ته اداڪاره صنم جنگ کلندي رهي.

Read Previous

پرينيتي چوپڙا جو عابده پروين ۽ نصيبو لال جي ڳايل مشهور گيت”تو جهوم“ جو ورزن جاري

Read Next

وزيراعظم پابندي پاران مڙهيل تنظيم بي اين اي جي باني کي گرفتار ڪرڻ تي آءِ ايس آءِ جي تعريف

Most Popular