پرينيتي چوپڙا جو عابده پروين ۽ نصيبو لال جي ڳايل مشهور گيت”تو جهوم“ جو ورزن جاري

ڀارتي اداڪارا پرينيتي چوپڙا پنهنجي آواز ۾ پاڪستاني ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 4 جو مشهور گيت ”تو جھوم“ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي.

اداڪاره پرينيتي چوپڙا، جنهن تازو ئي سياستدان راگھو چڍا سان مڱڻي ڪئي آهي، هن ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 ۾ مشهور پاڪستاني گلوڪارن عابده پروين ۽ نصيبو لال جي ڳايل گيت کي ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پرينيتي چوپڙا هن گاني ۾ پنهنجي آواز کي وڌائڻ لاءِ ڪجهه آٽو ٽيونز پڻ استعمال ڪيا آهن.

هن سيلفي جي وڊيو سوشل ميڊيا انسٽاگرام تي شيئر ڪندي اداڪارا ڪيپشن ۾ لکيو ته ڪڏهن ڪڏهن عام لمحات اوچتو بهترين لمحن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، مان ڊبنگ اسٽوڊيو ڏانهن ويس ۽ پنهنجي پسنديده گيتن مان هڪ کي ڳائڻ کان روڪي نه سگهيس، اها هڪ خالص خوشي آهي.

ٻئي طرف پرينيتي جي آواز ۾ ڳايل گيت ”تو جهوم“ به سندس مداحن پسند ڪيو آهي.

انسٽاگرام استعمال ڪندڙ پرينيتي جي آواز ۽ سندس ڳائڻ جي صلاحيتن جي ساراهه ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته پرينيتي چوپڙا کي ڳائڻ جو به شوق آهي، هن پنهنجا گيت رليز ڪرڻ سميت ڪيترن ئي فلمن ۾ ڳايا آهن.

Read Previous

ڀارت ۾ نئين پارليامينٽ هائوس جي افتتاحي تقريب، نصير الدين شاهه جي موديءَ تي تنقيد

Read Next

عمران عباس لائيو شو ۾ صنم جنگ کي 10 ڪلو وزن گهٽائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

Most Popular