گڏيل عرب امارات مسلسل ٽئين مهيني تيل جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي.
رپورٽن مطابق يو اي اي ۾ نوان اگهه جمعه پهرين سيپٽمبر کان لاڳو ڪيا ويندا، نئين قيمتن ۾ 5 سيڪڙو ويليو ايڊڊ ٽيڪس شامل آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب يو اي اي ۾ سپر پيٽرول 98 جي قيمت 3.14 درهم کان وڌي 3.42 درهم في ليٽر ٿي وئي آهي.
اهڙي طرح پيٽرول 95 جي قيمت 3.02 درهم مان وڌائي 3.31 درهم في ليٽر ڪئي وئي.