آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

آغا سراج دراني جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل مڪمل، فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پراسيڪيوشن ڄاڻي واڻي ڪيس کي اينگهائي رهي آهي، هڪ سال ۾ رڳو ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ٿيا آهن.

آغا سراج دراني هڪ سال کان جيل ۾ آهي، ڪنهن کي هڪ ڏينهن به غير قانوني طور جيل ۾ رکڻ ڏوهه آهي، عدالت ضمانت بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Read Previous

متحده عرب امارات ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان

Read Next

دهشتگردي ٽوڙ عدالت حليم عادل شيخ جي آزاد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular