اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي نظربندي معطل ڪري ڇڏي، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او جي تحت نظربندي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد ۾ ڪو هنگامو يا ڪو جلسو جلوس ڪيو؟ جنهن تي پرويز الاهي جي وڪيل ٻڌايو ته منهنجي موڪل ڪوبه جلسو جلوس يا هنگامو نه ڪيو آهي. شهريار آفريدي جي خلاف ساڳئي قسم جو آرڊر پاس ڪرڻ تي ڊي سي اسلام آباد جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلي رهي آهي.

عدالت پڇيو ته پرويز الاهي کي پهريون ڀيرو ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو هو؟ وڪيل ٻڌايو ته پرويز الاهي کي پهرين جون تي گرفتار ڪيو ويو هو.

جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته پرويز الاهي 3 مهينن کان وڌيڪ وقت تائين حراست ۾ آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ جي صدر ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي ٿري ايم پي او جي تحت نظربندي کي معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ڊي سي اسلام آباد کي اڱاري جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ۽ پرويز الاهي کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پرويز الاهي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪنهن به قسم جو ڪوبه بيان نه ڏيندو.

Read Previous

نيب ترميم ڪيس جو فيصلو محفوظ: منهنجي ريٽائرمينٽ کان اڳ فيصلو ٻڌائينداسين: چيف جسٽس

Read Next

ميانمار جي فوجي حڪومت پاران 2025ع ۾ چونڊون ڪرائڻ جو امڪان

Most Popular