نيب ترميم ڪيس جو فيصلو محفوظ: منهنجي ريٽائرمينٽ کان اڳ فيصلو ٻڌائينداسين: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ نيب ترميم جي خلاف عمران خان جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جنهن کي چيف جسٽس پنهنجي ريٽائرمينٽ کان اڳ ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عمران خان جي نيب ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سڳوري جي 3 رڪني بينچ ۾ چيف جسٽس سان گڏ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل هئا.

ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس منصور پڇيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ٻڌايو ته اٽارني جنرل پرڏيهه ويل آهي سندس جواب مان جمع ڪرائيندس.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل خواجه حارث کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان نيب جي رپورٽ پڙهي آهي؟ نيب مئي تائين واپس ٿيندڙ ريفرنسز جا سبب ٻڌايا آهن. ريفرنس واپسي جي سببن مان اندازو ٿئي ٿو ته قانون جو جهڪاءُ ڪهڙي طرف آهي، مئي تائين ڪهڙين شخصيتن جا ريفرنس واپس ٿيا سڀ رڪارڊ تي اچي چڪو آهي. نيب قانون جي سيڪشن 23 ۾ هڪ ترميم مئي، ٻئي جون ۾ آئي. مئي کان اڳ واپس ٿيندڙ ريفرنس اڄ تائين نيب وٽ ئي موجود آهن. نيب طرفان انهن سوالن جا جواب ڪير ڏيندو؟

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هنن ترميمن مان ڪا اهڙي شق آهي جنهن جي تحت ڪيس ٻئي فرمز ڏانهن اماڻيا وڃن؟ اهڙين ترميمن کان پوءِ نيب جو تمام گهڻو ڪم ختم ٿي ويو آهي. خواجه حارث چيو ته نيب وٽ ڪيس ٻين ادارن ڏانهن اماڻڻ جو ڪوبه قانوني اختيار نه آهي. ان تي جسٽس منصور ريمارڪس ڏنا ته ائين نه آهي ته نيب مان ڪيس ختم ٿيڻ کان پوءِ جوابدار گهر هليا وڃن. نيب جي آفيس ۾ قتل ٿيندو ته ڇا معاملو لاڳاپيل فورم تي نه ويندو؟ ڪيس ٻئي فرمز ڏانهن اماڻڻ لاءِ قانون جي ضرورت نه آهي. جيڪي ڪيس بڻجي چڪا آهن اهي ڪنهن فرم تي ته ويندا.

جسٽس منصور وڌيڪ چيو ته اعليٰ عدليه جي ججز کي به نيب قانون مان ڇوٽ حاصل نه آهي. آرٽيڪل 209 جي تحت صرف جج برطرف ٿي سگهي ٿو، ريڪوري ممڪن نه آهي.

چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته رياستي اثاثا ڪرپشن جي نظر هجن، اسمگلنگ يا سرمائي جي غيرقانوني منتقلي هجي، ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. قانون ۾ اهڙن ڏوهن جون پڪيون شاهديون نه هجڻ مايوس ڪندڙ آهي. عوام کي خوشحال ۽ محفوظ بنائڻ رياست جي ذميواري آهي.

ٻڌڻي دوران جسٽس منصور چيو ته فوجي آفيسرن کي نيب قانون کان ڇوٽ ڏني وئي آهي ان تي خواجه حارث چيو ته فوجي آفيسرن جي حوالي سان ترميم چيلينج ناهي ڪئي. فوجي آفيسرن جي خلاف آرمي ايڪٽ ۾ ڪرپشن تي سزائون موجود آهن. جسٽس منصور چيو ته سزائون ته سول آفيسرن ۽ عوامي عهديدارن جي خلاف به موجود آهن، ڇا ڪرپٽ آرمي جي آفيسر جو عوام سان سڌو سنئون تعلق نه هوندو آهي؟ آرمي آفيسر فوج کان علاوه ڪنهن به اداري جو سربراهه ٿيو ته نيب قانون جي زد ۾ ايندو آهي.

جسٽس منصور سوال ڪيو ته ڇا سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کي چئي سگهي ٿي ته اوهان چالاڪي ۽ بدنيتي تي ٻڌل قانون ٺاهيو؟ سپريم ڪورٽ وٽ جيڪڏهن پارليامينٽ جي قانونسازي ڇيڙڻ جو اختيار ناهي ته ان سان گڏ هلڻو پوندو. ان تي جسٽس اعجاز چيو ته پارليامينٽ کي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت نه آهي. پارليامينٽ ماضي جو ذڪر ڪري قانون بنائي ڏوهه ختم نٿو ڪري سگهي. ائين ته 1985ع ۾ سزا ماڻيندڙ ڏوهاري اچي چوندو ته منهنجي سزا ناهي رهي ٻيهر ٽرائل ڪريو.

چيف جسٽس چيو ته نيب قانون کي وڌيڪ چٽو ٿيڻ گهرجي. جڏهن قانون واضح نه ٿئي ته ان جو حل ڇا ٿيندو آهي؟ ڇا مبهم قانون قائم رهي سگهي ٿو؟ ان تي جسٽس منصور چيو ته چيف جسٽس جي سوال کي اڳيان وڌايان ٿو ته ڇا سپريم ڪورٽ اهو قانون واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي سگهي ٿي؟

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پارليامينٽ ته سپريم آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ کي قانون جي ٻيهر درخواست ڪنداسين ته وچ واري وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ چيف جسٽس چيو ته ماضي مان سبق سکندي هاڻ سوموٽو نٿا وٺون.

جنهن کان پوءِ درخواستگذار جي وڪيل خواجه حارث ۽ وفاق جي وڪيل مخدوم علي خان دليل مڪمل ڪري ورتا. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نيب ترميم ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائينداسين ۽ فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ جو اعلان بعد ڪنداسين.. سمورين ڌرين جو ٿورائتو آهيان ته انهن مدد ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته منهنجي ريٽائرمينٽ ويجهي آهي پر ريٽائرمينٽ کان اڳ فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين.

Read Previous

ناڻي واري وزارت بجلي جي بلن ۾ ريليف جو نئون پلان آءِ ايم ايف ڏانهن اماڻي ڇڏيو

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي نظربندي معطل ڪري ڇڏي، آزاد ڪرڻ جو حڪم

Most Popular