چيف جسٽس عمر عطا بنديال الوداعي خطاب دوران لڙڪ هاري ويٺو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جي آفيسرن ۽ عملي کي الوداعي خطاب دوران لڙڪ هاري ڏنا.

تقرير دوران چيف جسٽس پاڻ کي لهندڙ سج سان ڀيٽ ڏيندي چيو ته منهنجي حالت هاڻي لهندڙ سج جهڙي آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان توهان سان 9 سال سٺا گذريا، توهان وٽ اڃا به وقت آهي، توهان سڀني کي پنهنجي پوري محنت سان ڪم ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ معاشي ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن سڀ گڏ ٿي ويا ته هي بحران نه رهندو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سهڪار ڪرڻ تي تواهن سڀني جي مهرباني.

Read Previous

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

Read Next

نواز شريف خلاف سازش سبب عوام کي مهانگائي ملي، مريم نواز

Most Popular