پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

جوڊيشل ايڪٽوزيم پينل جي سربراهه اظهر صديق ايڊووڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ نگران وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 26 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڊسيپلين نه آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو نئون طوفان ايندو. استدعا آهي ته عدالت قيمتن ۾ تازي اضافي جو قدم ڪالعدم قرار ڏئي.

ياد رهي ته حڪومت پيٽرولم شين جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو ڪندي پيٽرول في لٽر 26 روپيه 2 پئسا ۽ ڊيزل 17 روپيه 34 پئسا وڌيڪ مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل پڌرائي موجب پيٽرول جي نئين قيمت 331 روپيه 38 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 329 روپيه 18 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

Read Previous

سائفر ڪيس: عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

Read Next

چيف جسٽس عمر عطا بنديال الوداعي خطاب دوران لڙڪ هاري ويٺو

Most Popular